صادق حسين قريشي

صادق حسين قريشي

صادق حسين قريشي

صادق حسين قريشي: مشهور سياستدان صادق حسين 1927ع ڌاري ملتان ۾ پيدا ٿيو. هن ايڇيسن ڪاليج لاهور مان تعليم حاصل ڪئي. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيائين. 1943ع ۾ ضلعي ڪائونسل ملتان جو ميمبر ۽ ٻئي سال نائب صدر چونڊيو ويو. 1962ع ۾ اولهه پاڪستان جو ميمبر چونڊيو ويو. 1970ع ۾ ٿيندڙ عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. جولاءِ 1975ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور ۾ پنجاب جو وزير اعليٰ مقرر ٿيو. 1977ع جي عام چونڊن ۾ ٻيهر صوبائي اسيمبليءَ ۾ چونڊيو ويو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر وزيراعليٰ بڻيو. جنرل ضياءُ الحق جي مارشلا لاڳو ٿيڻ سان کيس پنجاب جي وڏ وزارت جي عهدي تان برطرف ڪيو ويو. 1985ع ۾ ٿيل غير جماعتي چونڊن ۾ حصو ورتائين، پر شڪست کائڻ سبب سياست کان دستبردار ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو